رئيس عبداللطيف لطيف ناپر

رئيس عبداللطيف ’لطيف‘ ناپر: شاعر رئيس عبداللطيف ولد پير بخش ناپر جو جنم 15 ڊسمبر 1933ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور جي مشهور ورنيڪيولر اسڪول مان حاصل ڪئي. 1951ع ڌاري مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان پاس ڪيائين، تنهن بعد ايل. ايل. بي جي سند حاصل ڪيائين.
شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’لطيف‘ هو. سندس شاعري مشهور ادبي رسالن: نئين زندگي، هلال پاڪستان ماهوار ايڊيشن ۽ ماهوار ’تقاضا‘ جي پرچن ۾ ڇپجندي رهي. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا، جن ۾: (1) ’برهه جي باهه‘ ۽ (2) ’تحفة العاشقين‘ گهڻو مشهور ٿيا. سندس ڪلام موسيقيءَ جي محفلن ۾ گهڻو ڳايو ويندو هو.
هن جا ڪجهه مشهور غزل ’سڏائي عاشق ٿو يار هرڪو، مگر نڀائي ڏسي ته ڪوئي‘ ۽ ’پرڀات ٿي وئي آ، روئيندي هي رات ساري‘ اڄ تائين محفلن ۾ ڳاتا وڃن ٿا.
رئيس عبداللطيف ناپر 23 سيپٽمبر 1957ع تي شهيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.12.15  عيسوي

شاعر رئيس عبداللطيف ولد پير بخش ناپر جو جنم 15 ڊسمبر 1933ع تي شڪارپور ۾ ٿيو.


1957.09.23  عيسوي

رئيس عبداللطيف ناپر 23 سيپٽمبر 1957ع تي شهيد ٿي ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيق وقار کهڙو
شهباز علي ملازم سروري
دانتي
پٺاڻ محمد علي
حافظ محمد بخش خاصخيلي
احمد بخش بدوي
اقبال شاهين
اسير ملاح
امداد علي سھتو
چيزل شاهه
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون